قومي احتساب بيورو پاڪستان اسٽيل مل جي بحران ۽ ڪرپشن بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي

nab-logo-08

قومي احتساب بيورو پاڪستان اسٽيل مل جي بحران ۽ ڪرپشن بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي، نيب عملدارن اسٽيل مل جي سي اِي او ۽ جنرل مئنيجر سان ملاقات ڪري تفصيل ورتا آهن.

قومي احتساب بيورو جي پنج رڪني ٽيم اسٽيل مل پهچي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ جنرل مئنيجر سميت ٻين عملدارن سان ملاقات ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته  نيب ٽيم اسٽيل مل جي ملازمن جا تفصيل، پيدواري صلاحيت گهٽجڻ سميت مختلف معاملن تي ڄاڻ ورتي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب اسٽيل ملز ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ تيز ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان مختلف ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن.

واضح رهي ته پاڪستان اسٽيل ملز ڊگهي عرصي کان خساري ۾ آهي، جڏهن ته ملازم پگهارن ۽ ٻين جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج پڻ ڪندا رهيا آهن…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*