سيينٽرل جيل سکر جو قيدي عالمگير راڄپر سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو

sukkur-death-body

سيينٽرل جيل سکر جو قيدي عالمگير راڄپر سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، گرد جي مرض وگهي رات دير سان فوت ٿيل قيدي جون پوليس صبح تائين هٿڪڙيون نه کوليون، قيدي عالمگير راڄپر 2001ع کان سينٽرل جيل ۾ قيد  هو.

قيدي عالمگير راڄپر کي گڙدن جي تڪليف سبب سکر جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن رات دير سان دم ڌڻي حوالي ڪيو.

قيدي جي فوت ٿيڻ باوجود پوليس اهلڪارن صبح تائين کيس لڳل هٿڪڙيون نه کوليون، جنهن کانپوءِ وارث پهچڻ تي هٿڪڙيون ڪڍي مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

ڊاڪٽرز جوچوڻ هو ته گذريل ڏينهن قيدي کي اسپتال آندو ويو،پر پوليس قيدي جون هٿڪڙيون نه کوليون هيون.

وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس جي لاپرواهي جو نوٽيس وٺي قيدي جي فوت ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ڪري ساڻن انصاف  ڪيو وڃي.

واضح رهي ته قيدي عالمگير راڄپر نوشهرو فيروز جو رهواسي آهي، جيڪو 2001ع  کان قتل جي ڏوهه ۾ جيل ڪاٽي رهيو هو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*