سنڌڙي ويجهو ذهني مرض جو شڪار عورت هيمي ميگهواڙ کي اڄ حيدرآباد جي نفسياتي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي

sandhri

سنڌڙي ويجهو ذهني مرض جو شڪار عورت هيمي ميگهواڙ کي اڄ حيدرآباد جي نفسياتي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي، ڪمشنر ميرپورخاص عورت جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.

ڳوٺ صابو پهوڙ ۾ عورت هيمي ميگهواڙ ذهني مرض ۾ مبتلا هئڻ بعد علاج جي سگهه نه  هئڻ ڪري وارثن کيس زنجيرن سان ٻڌي رکيو هو.

وارثن جو چوڻ آهي ته عورت هيمي گذريل 10 سالن کان ذهني مرض ۾ مبتلا آهي، گهر  جو الهه تلهه کپائڻ باوجود سندس علاج نه ٿي سگهيو آهي.

ڪمشنر ميرپورخاص معاملي جو نوٽيس وٺي عورت هيمي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.

گذريل ڏينهن ڊاڪٽرز جي ٽيم پاران عورت جو طبي معائني کانپوءِ اڄ کيس حيدرآباد جي نفسياتي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*