روينيو ملازمن پاران سن ڪوٽا، ٽائيم اسڪيل، سمت ٻيا مطالبا تسليم نه ٿيڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرا

ravinue-mulazam

روينيو ملازمن پاران سن ڪوٽا، ٽائيم اسڪيل، سمت ٻيا مطالبا تسليم نه ٿيڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن.

خيرپور ۾ روينيو ملازمن آفيس جي تالابندي ڪري غلام محمد سولنگي ۽ نثار احمد سومرو جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سانگهڙ ۾ ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

نوشهروفيروز ۾ روينيو ملازمن غلام مرتضٰي مشوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

لاڙڪاڻي ۾ روينيو ملازمن  مطالبن جي مڃتا لاءِ نثار مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مطاهرو ڪيو.

  مٺي ۾ ملازم لال محمد بجير ۽ بين جي اڳواڻي ۾ آفيسن جي تالا بندي ڪري مک چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

دادو، شڪارپور، ڪنڊيارو،  ۽ ٻين شهرن ۾ به روينيو ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا.

اڳواڻن چيو ته ٻين صوبن جيان سنڌ اندر روينيو ملازمن کي سن ڪوٽا ۽  ٽائيم اسڪيل ڏيئي ٻين کاتين جي ملازمن کي شامل ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*