ڀارت ۾ پاڪستاني سفارتڪارن کي ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ کان روڪڻ تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري احتجاج رڪارڊ

india-highi-comminsionar

ڀارت ۾ پاڪستاني سفارتڪارن کي ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ کان روڪڻ تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته سفارتڪارن کي ميچ ڏسڻ کان روڪڻ افسوسناڪ آهي.

پرڏيهي ترجمان موجب پاڪستان ۾ مقرر ڀارت جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري عبدالباسط سميت ست سفارتڪارن کي ڪولڪتا ۾ ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ کان روڪڻ تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.

ترجمان جو چوڻ آهي ته سفارتڪارن کي ميچ ڏسڻ کان روڪڻ سفارتي آدابن جي ڀڃڪڙي آهي.

پرڏيهي ترجمان چيو ته سفارتڪار پاڪ ڀارت ميچ ڏسڻ چاهين پيا پر کين ميچ ڏسڻ کان روڪيو ويو، جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي.

واضح رهي ته ڀارت ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط ست سفارتڪارن کي ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ کان روڪي ڇڏيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*