پاڪستان ۽ ترڪمانستان مختلف شعبن ۾ سهڪار وارن معاهدن تي صحيحون ڪري ورتيون

pak-agrement-with-tarkmnsat

پاڪستان ۽ ترڪمانستان مختلف شعبن ۾ سهڪار وارن معاهدن تي صحيحون ڪري ورتيون آهن، وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ گڏجي ڪم ڪيو ويندو.

اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ ترڪمانستان وچ ۾ وفد جي سطح تي ٿيل ڳالهين بعد ٻنهي ملڪن پاران مختلف معاهدن ۾ سهڪار وارن معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون.

تقريب ۾ پاڪستان پاران وزيراعظم نواز شريف ۽ ترڪمانستان طرفان صدر قربان علي محدوف صحيحون ڪيون  ويون.

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته هو ترڪمانستان جي دوري واري دعوت قبول ڪري ٿو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائي ويندي.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پر عزم آهي، علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ ترڪمانستان سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو.

ترڪمانستان جي صدر شاندار مهمان نوازي تي وزيراعظم نواز شريف جو ٿورو مڃيندي چيو ته ٻئي ملڪ خطي ۾ امن لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا.

ترڪمانستان جي صدر چيو ته افغان مفاهمتي عمل ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون.

ان کان اڳ ترڪمانستان جو صدر قربان علي محدوف ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو ته نور خان ايئربيس تي وزيراعظم نوازشريف سندس آجيان ڪئي، ان موقعي تي وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي،وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ اسلام آباد جو ميئر شيخ عنصر عزيز به موجود هئا.

ان موقعي تي مهمان صدر کي 21 توپن جي سلامتي ڏني وئي، جنهن بعد وزيراعظم هائوس پهچڻ تي کيس گارڊ آف آرنر به پيش ڪيو ويو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*