عبدالرشيد قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي 30 مارچ تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ وارو حڪم برقرار

Pervaiz-Musharaf-24-2-16

اسلام آباد جي عدالت غازي عبدالرشيد قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي 30 مارچ تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ وارو حڪم برقرار رکي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج عبدالقادر ميمڻ لال مسجد جي اڳوڻي خطيب غازي عبدالرشيد قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران پرويز مشرف جي وڪيل هڪ ڀيرو ٻيهر ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪندي عدالت کي استدعا ڪئي ته سندس موڪل کي حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي.

فريادي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته هر ٻڌڻي تي ميڊيڪل رپورٽ کي بهانو بڻائي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست ڏني ويندي آهي، پرويز مشرف ڪراچي ۾ آهي انڪري گرفتاري وارنٽس تي عملدرآمد به اتي ڪرايو وڃي.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پرويز مشرف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪرڻ وارو فيصلو برقرار رکيو ۽ پوليس کي حڪم ڏنو ته پرويز مشرف کي گرفتار ڪري 30 مارچ تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

عدالت پرويز مشرف جي ٻن ضامنن کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 2 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

2 اپريل تي پرويز مشرف کي حاضري کان ڇوٽ ڏيڻ واري درخواست تي بحث ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*