لڳي ٿو ته نوازشريف به سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي راضي آهي: خورشيد شاهه

khurshid-shah

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت پرويز مشرف جي معاملي تي اڳ ئي دٻاءُ جو شڪار هئي، لڳي ٿو ته نوازشريف به سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي راضي آهي.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ظاهر ڪندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ وارو عدالتي حڪم اکين تي آهي پر هاءِ پروفائيل ڪيسز جا فيصلا سپريم ڪورٽ ئي ڪندي آهي.

هن چيو ته حڪومت پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ جي مخالفت نه ڪئي، عدالتي حڪم ۾ اٽارني جنرل جي رضامندي شامل آهي.

خورشيد شاهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آئين ۾ آرٽيڪل 6 شامل ڪرايو هو پر اهو آئين به ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهيءَ کان نه بچائي سگهي.

اپوزيشن ليڊر جو چوڻ هو ته آئين جي آرٽيڪل 6 کان وڌيڪ ٻيون ڌريون به طاقتور آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*