ڳڙهي ياسين ۾ جوابدارن پوليو ٽيمن تي حملا ڪري هڪ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو

kuta

ڳڙهي ياسين ۾ جوابدارن پوليو ٽيمن تي حملا  ڪري هڪ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ته وري ٻئي پاسي ٻن ورڪرز تي ڪتا بڇــــيا ويا، ڊي ايس پي علي بخش ڍڪڻ جو چوڻ آهي ته پوليو ٽيم  تي حملي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڳوٺ ڪوريجا لاڙي ۾ پوليو جي ٽيم ٻارڙن کي ڦڙا پيارڻ لاءِ پهتي تي جوابدارن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني.

گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ليڊي هـــيلٿ ورڪر افشه مهر ۽ سندس ڀاءُ ظهير مهر زخمي ٿي پيا آهن.

مقامي ماڻهن زخمي ليڊي هيلٿ ورڪرز افشه مهر کي اسپتال پهچايو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ جي ڪري کيس لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي ڳوٺ گهر پنهنجا ۾ جوابدارن ليڊي هيلٿ ورڪر زينت ۽ سرتاج تي ڪتا بڇي کانئن موبائيل فون ۽ ٻيون سامان ڦر ڪري ورتو آهي.

ڊي ايس پي علي بخش ڍڪڻ جو چوڻ آهي ته پوليو ٽيم  تي حملي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*