پنو عاقل ويجهو تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب پيرسن عورت فوت ٿي وئي

پنو عاقل ويجهو تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب روڊ ڪراس ڪندڙ پيرسن عورت فوت ٿي وئي آهي.

قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب روڊ ڪراس ڪندڙ عورت مسمات نواب خاتون ميراڻي ٿڏي تي فوت ٿي وئي.

حادثي بعد ڪار ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته فوتي عورت جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*