بلاول ۽ آصفه پشاور ۾ اسڪول حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ڇڏي

پيپلزپارٽي جي  چيئرمين بلاول ڀـُٽو زرداري ۽ آصفه ڀـُٽو زرداري، پشاور ۾ اسڪول حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته هاڻي ڪو به بهانو نه هلندو، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو.

سماجي رابطه واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس ڀيڻ آصفه ڀٽو زرداري پشاور سانحي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته پشاور سانحي کيس ڪجهه چوڻ جي قابل ناهي ڇڏيو، معصوم ٻارڙن جي شهادت تي کيس وڏو صدر رسيو آهي.

بلاول ڀـُٽو زرداري چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڀني کي متحده ٿيڻو پوندو.

 آصفه ڀٽو زرداري پشاور سانحي جي مذمت ڪندي چيو ته هڪ ڪلاڪ اندر هڪ سئو 32 معصوم ٻارڙن کي شهيد ڪيو ويو، هاڻي ڪو به بهانو نه هلندو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀني کي متحده ٿيڻو پوندو.


پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*