سـُپريم ڪورٽ، سپر ماڊل ايان علي جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو

ayan ali

سـُپريم ڪورٽ، سپر ماڊل ايان علي جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آهي، عدالت ايان علي کي نوٽيس جاري ڪندي کيس هڪ هفتي اندر جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ڪسٽم اختيارين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ڪسٽم جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ايان علي خلاف ڪرنسي اسملنگ ڪيس جي ٻڌڻي هلي رهي آهي، تنهن ڪري کيس ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.

ڪسٽم جي وڪيل چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ، ايان علي ڪيس جو قانوني جائزو ناهي ورتو، ان ڪري هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ايان علي جو نالو ٻيهر اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي.

عدالت، وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي ڪسٽم اختيارين جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي.

سپريم ڪورٽ ايان علي کي جواب داخل ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي بعد مقرر ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ 7 مارچ تي ايان علي جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن کي ڪسٽم  اختيارين سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*