خيبر ايجنسي ۽ گلگت بلتستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڌار ڌار ڪارروائين ۾ پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ 8 دهشتگرد مارجي ويا

khyber-pakhtwa14

خيبر ايجنسي ۽ گلگت بلتستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڌار ڌار ڪارروائين ۾ پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ 8 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 2 اهلڪار به شهيد ٿي ويا آهن.

آءِ ايس پي آر جاري ڪيل پڌرائي موجب، گلگت بلتستان جي علائقي ديا مر ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، فورسز ۽ دهشتگردن ۾ چڪرين دوران 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ ٽن دهشتگردن کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو واسطو ڪالعدم تنظيم سان هو، جڏهن ته سڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ به ملوث هئا.

ٻئي پاسي خيبر ايجنسي جي درا موراب واري علائقي ۾ دهستگردن چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني.

آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ پنج دهشتگرد مارجي ويا، جن وٽان مختلف قسمن جا هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*