آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان يورپي يونين جي خاص نمائندي ملاقات ڪري دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي

ispr

آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان يورپي يونين جي خاص نمائندي ملاقات ڪري دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي آهي، يورپي نمائندي جو چوڻ آهي ته خطي ۾ استحڪام لاءِ ضرب عضب سٺي ڪوشش آهي.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، افغانستان لاءِ يورپي يونين جي خصوصي نمائندي مائيڪل ميلبين آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران علائقائي سلامتي ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي يورپي يونين جي خصوصي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته آپريشن ضرب عضب خطي جي استحڪام لاءِ سٺي ڪوشش آهي.

يورپي يونين جي نمائندي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين جو به اعتراف ڪيو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*