برازيلي صدر دلما رائوسيف پاران مني لانڊرنگ ۽ فراڊ جي الزام هيٺ آيل اڳوڻي صدر لولا ڊي سلوا کي چيف آف اسٽاف مقرر ڪرڻ خلاف احتجاج

brzial-protest

برازيلي صدر دلما رائوسيف پاران مني لانڊرنگ ۽ فراڊ جي الزام هيٺ آيل اڳوڻي صدر لولا ڊي سلوا کي چيف آف اسٽاف مقرر ڪرڻ خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته عدالت ۾ رائوسيف ۽ ڊي سلوا جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه واري ٽيپ پڌري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ رائوسيف اڳوڻي صدر کي بچاءَ لاءِ دستاويز اماڻڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي.

برازيل جي اڳوڻي صدر لوئز اِناڪيو لولا ڊي سلوا تي گذريل هفتي مني لانڊرنگ ۽ فراڊ جو فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، کيس رياست جي تيل ڪمپني ۾ ڪرپشن جي جاچ جي سلسلي ۾ حراست ۾ ورتو ويو هو.

موجوده صدر دلما رائوسيف تڙ تڪڙ ۾ ڊي سلوا کي چيف آف اسٽاف مقرر ڪري سرڪاري گزيٽ ۾ سندس نالو شامل ڪري ڇڏيو ته جيئن کيس ڪيس مان ڇوٽ ملي سگهي، جنهن تي برازيل جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

ٻئي پاسي جج سرگيو موريو پاران ڪورٽ ۾ پيس ڪيل ٽيليفون ڪال جي رڪارڊنگ جي آڊيو ٽيپ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ صدر دلما رائوسيف اڳوڻي صدر ڊي سلوا کي چئي رهي آهي ته هوءَ کيس ڪاغذ اماڻي رهي آهي، جيڪي ضرورت پوڻ تي هو عدالت ۾ پيش ڪري سگهي ٿو، جنهن تي لولو ڊي سلوا اوڪي اوڪي چوي ٿو.

اهڙي ٽيپ منظر عام تي اچڻ بعد مخالف ڌر پاران صدر رائوسيف کان به استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته انصاف سان مذاق ڪيو پيو وڃي، انڪري دلما رائوسيف وٽ هاڻي استعيفيٰ کانسواءِ ڪوبه رستو نه بچيو آهي.

ٻئي پاسي برازيل جي مختلف شهرن ۾ عوام پاران صدر رائوسيف جي فيصلي خلاف سخت احتجاج ڪيو پيو وڃي، احتجاج ڪندڙ صدر دلما رائوسيف جي استعيفيٰ ۽ اڳوڻي صدر لولا ڊي سلوا جي گرفتاري جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*