هليري ڪلنٽن ٽي وي جي هڪ مزاحيه شو “براڊ سٽي” ۾ شرڪت

halricaltan

امريڪا جي ڊيموڪريٽ صدارتي اميدوارن جي ڊوڙ ۾ شامل هليري ڪلنٽن چونڊ مهم دوران ڪوبه موقعو هٿان وڃائڻ واري نه آهي، هليري ڪلنٽن ٽي وي جي هڪ مزاحيه شو “براڊ سٽي” ۾ شرڪت ڪئي ۽ ميزبانن سان چرچا گهــُٻا به ڪيا.

هليري ڪلنٽن مزاحيه شو “براڊ سٽي” ۾ پهتي ته ميزبان حيران رهجي ويا پر هليري کين اکيون هڻي کيڪاريو ۽ ساڻن چرچا ڀوڳ ڪيا.

تازي سروي پول موجب ڊيموڪريٽ پارٽي جي 18 کان 29 سالن جون 57 سيڪڙو عورتون هليري ڪلنٽن جي مقابلي ۾ برني سينڊرز کي اوليت ڏين ٿيون، جڏهن ته 24 سيڪڙو ڪلنٽن جون حامي آهن پر 30 کان 39 سالن جون 45 سيڪڙو عورتون هليري کي اهميت ڏين ٿيون، ۽ 28 سيڪڙو برني سينڊرز جون حامي آهن.

 اڳوڻي فرسٽ ليڊي ۽ پرڏيهي وزير هليري ڪلنٽن جو ڊيموڪريٽ جي صدارتي چونڊن لاءِ نامزدگي حاصل  ڪرڻ لاءِ برني سينڊرز سان مقابلو آهي پر هليري هن وقت تائين کانئس گهڻو اڳتي آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*