ڪرم ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملي دوران جوابي ڪارروائي ۾ 30 دهشتگرد مارجي ويا

اسڪول حملي ۾ معصوم ٻارڙن جي شهادت کانپوءِ سڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيون آهن، ڪرم ايجنسي جي علائقي درگئي واري علائقي ۾ چيڪ پوست تي حملي دوران جوابي ڪارروائي ۾30 دهشتگرد مارجي ويا آهن.

ڪرم ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن خيبر ون ڪاميابي سان جاري آهي، درگئي واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملي جي نتيجي ۾ 30 دهشتگرد مارجي ويا.

 ذريعن موجب، درگئي واري علائقي ۾ سرچ آپريشن دوران دهشتگردن فورسز جي چيڪ پوسٽ تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن بعد چڪريون ٿي پيون، فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 30  دهشتگرد مارجي ويا.

چيڪ پسٽ تي حملي بعد سڪيورٽي فورسز علائقن کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن وڌيڪ تيز ڪر ي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*