امريڪي خاتون اول مشل اوباما پاران عورتن جي جاڳرتا لاءِ “دس از ماءِ گرلز” رليز

mashal-obama

امريڪي خاتون اول مشل اوباما پاران عورتن جي جاڳرتا لاءِ “دس از ماءِ گرلز” رليز، مشل اوباما چيو آهي ته هوءَ مستقبل ۾ صدارتي چونڊون وڙهڻ جو ڪو ارادو نٿي رکي.

مشل اوباما ٽيڪساس جي شهر آسٽن ۾ سائوٿ باءِ سائوٿ ويسٽ ميوزڪ فيسٽيول دوران سڄي دنيا جي ڇوڪرين جي تعليم کي هٿي وٺرائيندڙ گانو “ دس از ماءِ گرلز” رليز ڪيو، جنهن دوران ڪيلي رولينڊ، مــِسي ايليٽ ۽ ٻين به فن جو مظاهرو ڪيو.

ميوزڪ فيسٽيول جي موقعي تي مذاڪري دوران ڳالهائيندي مشل اوباما چيو ته هوءَ مستقبل ۾ صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو ڪو ارادو نٿي رکي.

هن چيو ته خاتون اول وارو پليٽ فارم به وسيع ۽ طاقتور آهي، جنهن کي هو ضايع ڪرڻ نه ٿي چاهي ۽ جڏهن هوءَ وائيٽ هائوس ڇڏيندي تڏهن به هو غير جانبدار نموني ڪم ڪندي ۽ ماڻهن سان رابطو رکندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*