حڪومت ۽ اپوزيشن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سومر شام 5 وڳي گهرائڻ تي اتفاق ڪري ورتو

nawaz-khurshid-shah

حڪومت ۽ اپوزيشن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سومر شام 5 وڳي گهرائڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي، پي آءِ اي جي نجڪاري سميت 7 بل پيش ڪيا ويندا، خورشيد شاهه چيو آهي ته اجلاس ۾ اپوزيشن کي پي آءِ اي جي نجڪاري واري معاملي آگاهه ڪيو ويندو.

سردار اياز صادق جي صدارت پي آءِ اي معاملي تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ناڻي وارو وزير  اسحاق ڊار، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، زاهد حامد، پي ٽي آءِ جو مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي، محمود خان اچڪزئي سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ حڪومتي مميبرز اپوزيشن کي خاطري ڪرائي تي پي آءِ اي کي ڪمپني بڻائڻ واري معاملي تي اپوزيشن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.

حڪومت ۽ اپوزيشن اپوزيشن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سومر شام 5 وڳي گهرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته اجلاس ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري سميت 7 بل پيش ڪيا ويندا.

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته هو قومي اداري جي بهتري چاهين ٿا، حڪومت جي خاطري کانپوءِ پارليامنيٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ٿيو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*