سنڌڙي ۾ نيب جي ٽيم ٽي ايم او آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي

anty-hyd

سنڌڙي ۾ نيب جي ٽيم ٽي ايم او آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي، جڏهن ته اينٽي ڪرپشن ٽيم ملير جيل تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي.

 نيب عملدارن جو چوڻ آهي ته ٽي ايم اي سنڌڙي ۾ 10 ڪروڙ رپين کان به وڌيڪ ڪرپشن ٿي آهي، جنهن جي جاچ لاءِ ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي.

نيب ڪراچي جي ٽيم ڊپٽي ڊائريڪٽر جاويد لاشاري جي اڳواڻي ۾ ٽي ايم او  سنڌڙي جي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ بعد ان کي تحويل ۾ ورتو.

اينٽي ڪرپشن ٽيم ملير جيل تي ڇاپو هڻي ڇنڊڇاڻ بعد رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي، جڏهن ته ڪجهه ملازمن کان به پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*