ڀارت ۾ پاڪستاني سفارتڪارن کي ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ کان روڪڻ بابت پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي:پرڏيهي ترجمان

nafis zakria

پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريه چيو آهي ته ڀارت ۾ پاڪستاني سفارتڪارن کي ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ کان روڪڻ بابت پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، نيويارڪ ۾ نواز-مودي ملاقات طئي ناهي ٿي، سرتاج عزيز ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج وچ ۾ اچ نيپال ۾ ملاقات  ڪري نريندر مودي کي سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريه چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي، امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جو سڄي دنيا اعتراف ڪري چڪي آهي.

هن چيو ته ڀارت ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط سميت ٻين سفارتڪارن کي ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ کان روڪڻ تي مايوسي ٿي آهي، ان حوالي سان پنهنجي خدشن کان ڀارتي سرڪار کي آگاهه ڪيو آهي.

پرڏيهي ترجمان چيو ته نيويارڪ ۾ اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم نواز شريف ۽ نريندر مودي وچ ۾ ملاقات طئي طئي ناهي، ان بابت اڃا تائين ڪجهه نٿو چئي سگهجي، جڏهن ته سرتاج عزيز اڄ نيپال ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج سان ملاقات ڪري ڀارتي وزيراعظم کي سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندو.

نفيس ذڪريه وڌيڪ چيو ته ڪشمير معاملو هڪ اڻپوري ايجنڊا آهي، جنهن کي سڄي دنيا تسليم ڪري رهي آهي، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ اتان جي عوام جي خواهشن موجب حل ٿيڻ گهرجي.

پرڏيهي ترجمان اهو به چيو ته افغانستان ٽن سالن کان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، افغان امن عمل جي ڪاميابي لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

چيني فوجين جي آزاد ڪشمير ۾ موجودگي واري سوال جي جواب ۾ پرڏيهي ترجمان چيو ته اهڙي اطلاعن ۾ ڪا به صداقت ناهي، ان بابت رپورٽس تي تبصرو نه ڪيو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*