سيوهڻ ۾ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت حاضري تي پيش نه ٿيڻ تي بئنڪ مئنجر کي هٿڪڙيون هڻائي جيل اماڻي ڇڏيو

sahwan-manigar-arist

سيوهڻ ۾ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت حاضري تي پيش نه ٿيڻ تي بئنڪ مئنجر کي هٿڪڙيون هڻائي جيل اماڻي ڇڏيو آهي.

ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت بئنڪ مئنجر اعجاز کوکر پاران روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪرڻ بابت داخل ڪرايل پٽيشن تي ٻڌڻي ڪئي.

پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته جوابدار منير احمد، نذير ۽ ڪامران شيخ اي ٽي ايم مان پيسا ڪڍندڙ بئنڪ مئنجر اعجاز کوکر کان روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو.

بئنڪ مئنجر عدالت ۾ پيش ٿي شاهديون پيش ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مهلت طلب ڪئي، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت پٽيشن داخل ڪرائڻ باوجود حاضرين تان مسلسل غير حاضر رهڻ ۽ شاهديون پيش نه ڪرڻ تي بئنڪ مئنجر اعجاز کوکر کي هٿڪڙيون هڻائي جيل اماڻي ڇڏيو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*