،ڌاٻيجي ويجهو مسافر بس ۽ ڪوسٽر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ زخمي ٿيلن مان وڌيڪ 2 ڄڻا فوت انگ وڌي 6 ٿي ويو

dhabiji-hadsa

ڌاٻيجي ويجهو مسافر بس ۽ ڪوسٽر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ زخمي ٿيلن مان وڌيڪ 2 ڄڻا ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي، ۽ حادثي ۾ زخمي ٿيل 20 ڄڻن  مان ٽن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

قومي شاهراهه تي مسافر بس ۽ ڪوسٽر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪوسٽر ۾ سوار مسمات شڪيلا، سنجيلا، نوجوان رحمان ۽  ڊرائيور مظفر شيخ ٿڏي تي فوت ٿي ويا هئا.

حادثي جي نتيجي ۾ نوجوان رفيق، فيض محمد، عارب، حبيب الله ۽ جاويد سميت 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جن کي ڪراچي جي جناح اسپتال منتقل ڪيو، جتي نوجوان مشتاق ۽ شاهد به زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*