ننڍي فارميٽ جي ڪرڪيٽ جي وڏي ايونٽ ورلڊڪپ جي سڀ کان اهم ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڀرپور تيارين ۾

pak-vs-india

ننڍي فارميٽ جي ڪرڪيٽ جي  وڏي ايونٽ ورلڊڪپ جي سڀ کان اهم ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي، قومي ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته ڀارت کي شڪست ڏيڻ لاءِ سمورا رانديگر اميد آهن.

ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾سڀ کان وڏي ميچ سڀاڻي ميزبان ڀارت ۽ پاڪستان جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.

قومي ٽيم ڪلڪته جي ايڊن گارڊن اسٽيڊيم ۾ هيڊڪوچ وقاريونس جي نگراني هيٺ ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

ٽريننگ سيشن ۾ رانديگرن مختلف ورزشون ڪرڻ بعد نيٽ ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس ڪئي.

ٽريننگ سشن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان چيو ته بنگلاديش خلاف فتح بعد سمورن رانديگرن جا حُوصلا گهڻا بلند ٿيا آهن، جنهن جو ڀارت خلاف ميچ ۾ وڏو فائدو پهچندو.

هن وڌيڪ چيو ته سڀاڻي ٽيم جي سمورن رانديگرن کي ٽنهي شعبن ۾ سخت ۽زميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، جنهن بعد ٽيم کي ڪاميابي ملندي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*