پنجاب حڪومت ڦاهي جي سزا جي قانون ۾ ترميم ڪري ڇڏي

پنجاب حڪومت، ڦاهي جي سزا جي قانون ۾ ترميم ڪري ڇڏي آهي، ڊيٿ وارنٽ جاري ٿيڻ بعد موت جي سزا ٻڌايل جوابدارن کي 24 ڪلاڪن اندر ڦاهي تي ٽنگيو ويندو.

ذريعن موجب، پنجاب جي گورنر چوڌري سرور ڏانهن صوبي اندر ڦاهي جي قانون ۾ ترميم واري سمري موڪلي وئي هئي، جنهن تي گورنر صحيح ڪري ڇڏي آهي.

گورنر جي صحيح بعد ڦاهي جي قانون ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، هاڻي موت جي سزا ٻڌايل دهشتگردن جا ڊيٽ وارنٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ 24 ڪلاڪن اندر ئي دهشتگردن کي سـُولي تي ٽنگيو ويندو.

پراڻي قانون موجب، ڊيٿ وارنٽ بعد 12 کان 21 ڏينهن اندر جوابدر کي جيل اندر رکيو ويندو هو، جنهن بعد ان کي ڦاهي ڏني ويندي هئي پر هاڻي 24 ڪلاڪن اندر ئي عمل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*