عدالت ناري جي درخواست جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ايس ايڇ او ٺل کي پهرين اپريل تي طلب ڪري ورتو

larkan

سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو برانچ پاران ٺل جي رهواسڻ حفيظان ملڪ ڌيءَ ميهر ملڪ پاران زبردستي سڱ چٽي ۾ پرڻائڻ جي درخواست تي ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ايس ايڇ او ٺل کي نوٽيس جاري ڪندي پهرين اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي،

ٺل واسڻ حفيظان ملڪ پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ  سان گڏ درخواست داخل ڪندي چيو آهي ته هن جا چاچا زبردستي سڱ چٽي ۾ چڪ واسي غوث بخش ملڪ سان پرڻائڻ چاهين ٿا، هن عدالت کي درخواست ڪئي ته کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي،

عدالت ناري جي درخواست جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ايس ايڇ او ٺل کي پهرين اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*