سکر جي سول اسپتال کي جيترا فنڊز مليا آهن اوترو ڪم نظر نٿو اچي:ڄام مهتاب ڏهر

jam-mahtab-dhahr

صحت جي صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر  چيو آهي ته سکر جي سول اسپتال کي  جيترا فنڊز مليا آهن اوترو ڪم نظر نٿو اچي، ڪجهه بهتري آئي آهي، پر اڃان ڪافي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

صحت واري صوبائي وزير چام مهتاب ڏهر سول اسپتال سکر جو دورو ڪري مختلف وارڊن جو جائزو ورتو ۽ انتظاميا سان گڏجاڻي ڪئي.

گڏجاڻي دوران صوبائي وزير اسپتال ۾ سهولتن تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي انتظاميه کي اسپتال اندر صفائي توڙي مريضن جو بهتر نموني علاج ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائندي صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته سکر جي سول اسپتال لاءِ ايم آر آءِ ۽ سي ٽي اسڪين مشين جي خريداري ڪئي آهي، جيڪي جلد اسپتال ۾ پهچايون وينديون.

هن چيو ته هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي دوائن ۽ ويڪسين جي خريداري ڪئي آهي ۽ اهي اڄ کان مريضن کي مهيا ڪيون وينديون.

ڄام مهتاب ڏهر چيو ته سکر جي سول اسپتال کي جيترا فنڊس مليا آهن، اوترو ڪم نظر نٿو اچي، اسپتال ۾ ڪجهه بهتري آندي آهي، پر وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضروت آهي.

ان دوران مريضن جي وارثن صوبائي وزير سان ملڻ جي ڪوشش دوران سندس گاڏي آڏو احتجاج ڪيو، جنهن تي پوليس کين ڇڙ وڇڙ ڪري ڇڏيو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*