اڳوڻي صدر پرويز مشرف ڪراچي کان دبئي پهچڻ شرط ئي سياسي سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون

Musharaf-1-18-3

اڳوڻي صدر پرويز مشرف ڪراچي کان دبئي پهچڻ شرط ئي سياسي سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن، پرويز مشرف آل پاڪستان مسلم ليگ جو اهم اجلاس اڄ شام طلب ڪري ورتو آهي.

پـَرويز مشرف اماراتي ايئر لائينز جي اڏام اِي ڪي 611 ذريعي ڪراچي کان دبئي پهتو، جتي سندس گهر ڀاتين، ويجهي دوستن ۽ آل پاڪستان مسلم ليگ جي ڪارڪنن آجيان ڪئي.

پرويز مشرف دبئي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي تڪليف جو علاج ڪرائيندو، جڏهن ته هن دبئي پهچڻ بعد پارٽي جو اجلاس به سڏائي ورتو آهي.

اي پي ايم ايل جي ترجمان موجب، اجلاس اڄ شام چار وڳي ٿيندو، جنهن  ۾ گڏيل عرب امارتن جا اڳواڻ شرڪت ڪندا.

واضح رهي ته پرويز مشرف گذريل رات وفاقي حڪومت جي اجازت ملڻ بعد ڪراچي کان دبئي پهتو آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*