ڪراچي جي احتساب عدالت شهرين سان فراڊ ڪندڙ جعلي نيب آفيسر طارق سليم کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

nab-farar

ڪراچي جي احتساب عدالت شهرين سان فراڊ ڪندڙ جعلي نيب آفيسر طارق سليم کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

پاڻ کي نيب جو آفيسر سڏرائي شهرين سان فراڊ ڪندڙ طارق سليم خلاف ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي.

نيب طارق سليم خلاف احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪرايو هو، جنهن ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت طارق سليم کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي.

نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته طارق سليم خلاف شڪايتون ملڻ بعد  سندس خلاف ريفرنس داخل ڪرائي کيس گرفتار  ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*