ڀارت تي پريشر آهي، سڀاڻي ڌوني اليون کي شڪست ڏئي تاريخ تبديل ڪري ڇڏينداسين:وقار يونس

waqar--younis

ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جو مها دنگل سڀاڻي ڀارت ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٿيندو ، قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته ڀارت تي پريشر آهي، سڀاڻي ڌوني اليون کي شڪست ڏئي تاريخ تبديل ڪري ڇڏينداسين.

ڪولڪتا جي ايڊن گارڊن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ پاڪستاني وقت موجب 7 وڳي کيڏي ويندي.

ان حوالي سان ڪولڪتا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقار يونس  چيو ته بنگلاديش خلاف 200 رنس ٺاهڻ بعد ٽيم جو مورال بلند ٿيو آهي، اهڙي ئي جذبي سان ٽيم ميدان تي لٿي ته ڀارت کي هارائڻ آسان هوندو.

هن چيو ته نيوزيلينڊ هٿان شڪست کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم تي دٻاءُ آهي ۽ ان جو فائدو قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي ملندو، يقين آهي ته سڀاڻي ڀارت کي شڪست ڏئي تاريخ بدلائي ڇڏينداسين.

شاهد آفريدي چيو ته سڀاڻي واري ميچ ۾ اسپنر جو ڪردار انتهائي اهم هوندو، شاهد آفريدي ۽ عماد وسيم قومي ٽيم جا اهم هٿيار آهن، جڏهن ته فاسٽ بالر وهاب رياض به ميچ ونر آهي.

شاهد آفريدي جي پريس ڪانفرنس نه ڪرڻ واري سوال تي وقار يونس چيو ته ميڊيا وارا آفريدي کان سخت سوال ڪندا آهن، ان ڪري هو پريس ڪانفرنس ڪرڻ لاءِ آيو آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*