قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه سان ملاقات

Qaim--Khursheed-Shah-14-12

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد  شاهه سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه سان ملاقات ڪري ملڪ جي سياسي صورتحال  سميت مختلف معاملن تي  خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.

وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ملاقات ڪري سنڌ سميت ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي .

ذريعن موجب وڏي وزير ۽ اپوزيشن ليڊر وچ ۾ ملاقات دوران پرويز مشرف جي پرڏيهه روانگي کانپوءِ پ پ پاران پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر احتجاج سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.

ملاقات دوران 4 اپريل تي ڳڙهي خدا بخش ۾ رٿيل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي انتظامن جو پڻ جائزو ورتو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*