لاهور پوليس ڪوٽ راڌا ڪشن سانحي جو چالان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪندي 59 ڄڻن کي سانحي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

 لاهور پوليس ڪوٽ راڌا ڪشن سانحي جو چالان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪندي 59 ڄڻن کي سانحي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت جوابدارن جي رمانڊ ۾ واڌ ڪندي 24 ڊسمبر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪوٽ راڌا ڪشن سانحي جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس گرفتار ڪيل جوابدارن کي پيش ڪيو.

ٻڌڻيءَ دوران پوليس ڪيس جو چالان پڻ پيش ڪيو، جنهن ۾ 59 ڄڻن کي واقعي جو ذميوار قرار ڏنو ويو.

چالان پيش ڪرڻ بعد عدالت، جوابدارن جي رمانڊ ۾ واڌ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 24 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*