هڱورجا ويجهو ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻن ٻارڙين سميت هڪ ئي ڪٽنب جا چار ڀاتي فوت ٿي ويا

hingorija

هڱورجا ويجهو ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻن ٻارڙين سميت هڪ ئي ڪٽنب جا چار ڀاتي فوت ٿي ويا آهن.

قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرالر سامهون ايندڙ موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار چار ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا.

فوتين ۾ مسمات حده نوجوان قلندر بخش، 8 ورهين جي تسليمان ۽ ٻارڙي مجيدان ٿڏي تي فوت ٿي ويا.

حادثي کانپوءِ پوليس پهڇي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا. جڏهن ته پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي………………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*