فضيلا سرڪي جي وارثن ۾ هڪ نئين اميد پيدا ٿي وئي،فضيلا جي وارثن کي سڃاڻپ لاءِ شڪارپور طلب

fazila-sarki-mother

گهوٽڪي ۾ پوليس آپريشن جي نتيجي ۾ ڪجهه عورتن ۽ هڪ نينگري جي هٿ اچڻ واري خبر بعد فضيلا سرڪي جي وارثن ۾ هڪ نئين اميد پيدا ٿي وئي آهي، ايس ايس پي جيڪب آباد فضيلا جي وارثن کي سڃاڻپ لاءِ شڪارپور طلب ڪري ورتو آهي.

گهوٽڪي ۾ بدنام ڏوهاري موسيٰ لولائي جي پٽن جي گهر تي چڙهائي دوران تحويل ۾ ورتل ٻن عورتن، هڪ نينگري ۽ ٻارڙن کي شڪارپور منتقل ڪيو ويو آهي.

گهوٽڪي آپريشن ۾ نينگري هٿ اچڻ واري اطلاع تي فضيلا سرڪي جي وارثن ۾ هڪ نئين اميد پيدا ٿي وئي سندس امڙ سڪينه جذبن تي ڪنٽرول نه رکي سگهي ۽ بيهوش ٿي وئي، جنهن کي اسپتال ۾ پهچايو ويو جتي کيس هوش آيو.

ايس ايس پي جيڪب آباد ساجد کوکر فون تي رابطي دوران فضيلا سرڪي جي وارثن کي شڪارپور پهچڻ لاءِ چيو، جنهن بعد فضلا جو پيءُ عبدالرزاق سرڪي شڪارپور پهچي ويو آهي.

فضيلا جي پيءُ عبدالرزاق سرڪي چيو ته کين شڪارپور گهرايو ويو آهي، جتي اها سڃاڻپ ڪرائي ويندي ته تحويل ۾ ورتل عورتن ۽ نينگري ۾  فضيلا به شامل آهي يا نه.

فضيلا جي امڙ سڪينه سرڪي جو جو چوڻ هو ته فضيلا سرڪي ننڍپڻ دوران پير ۾ شيشتو لڳو هو، جنهن سبب هوءَ زخمي ٿي هئي، ان نشان تحت هو پنهنجي ڌيءَ جي سڃاڻپ ڪندا.

ايس ايس پي شڪارپور ناصر آفتاب تصديق ڪندي چيو آهي ته تحويل ۾ ورتل ٻن عورتن ۽ هڪ نينگري کي شڪارپور پهچايو ويو آهي……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*