گهوٽڪي ۾ فضيلا سرڪي جي موجودگي واري اطلاع تي پوليس آپريشن دوران هٿياربندن ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ٻارڙَي سميت 3 واٽهڙو مارجي وي

ghotaki-opration

گهوٽڪي ۾ فضيلا سرڪي جي موجودگي واري اطلاع تي پوليس آپريشن دوران هٿياربندن ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ٻارڙَي سميت 3 واٽهڙو مارجي ويا، ٻن پوليس اهلڪارن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس ڪجهه عورتن ۽ ٻارڙن کي تحويل ۾ ورتو آهي، ايس ايس پي گهوٽڪي چيو آهي ته اهو چوڻ وقت کان اڳ ٿيندو ته تحويل ۾ ورتل ٻارڙن ۾ فضيلا سرڪي شامل آهي يا نه.

فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ گهوٽڪي، شڪارپور ۽ ڪشمور پوليس شهر جي انور آباد پاڙي ۾ ٻن گهرن کي ڪڙو چاڙهيو، ته هٿيار بندن ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.

فائرنگ ۾ شئي وٺڻ لاءِ ويندڙ 10 ورهين جي نينگر شاهزيب ۽ نوجوان حق نواز عرف هڪڙو لولائي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا.

پوليس ۽ هٿياربندن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پوليس جي اهلڪار علي اصغر گهوٽو ۽ نثار سڌايو سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

فائرنگ سبب خوف ۾ گهوٽڪي شهر  جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند ٿي ويا، جڏهن ته پوليس ٻنهي گهرن مان ڪجهه ٻارڙن ۽ عورتن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

پوليس ڪارروائي دوران بدنام ڏوهاري موسيٰ لولائي جي ٻن پٽن جان محمد لولائي، جتوئي لولائي سميت پنجن ڏوهارين کي به گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ايس ايس پي گهوٽڪي ثاقب سلطان ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس آپريشن ڪليئر ڪري ٻنهي گهرن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي.

ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڏوهارين جي فائرنگ ۾ هڪ واٺهڙو نينگر مارجي ويو آهي ۽ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري به مارجي ويو آهي، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي آهي.

ايس ايس پي شڪارپور ناصر آفتاب ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ ڪارروائي ڪئي وئي ته هٿيار بندن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ اهلڪار نثار سڌايو ۽ علي اصغر گهوٽو سخت زخمي ٿي پيا.

ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته کين اطلاع مليو هو ته فضيلا سرڪي ڪچي واري علائقي يا وري گهوٽڪي جي انور آباد پاڙي ۾ باندي بڻائي رکيل آهي، جنهن ڪري آپريشن ڪيو ويو.

ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪارروائي دوران ٻنهي گهرن مان ڪجهه عورتن ۽ ٻارڙن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، انهن ۾ فضيلا سرڪي يا ٻيو ڪو مغوي شامل آهي يا نه، ان حوالي سان ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ ٿيندو……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*