سنڌڙي ۾ مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿيل نينگري جي وارثن الزام هيٺ آيل عطائي ڊاڪٽر خلاف احتجاجي مظاهرو

sindhari-protest

سنڌڙي ۾ مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿيل نينگري جي وارثن الزام هيٺ آيل عطائي ڊاڪٽر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ غلام قادر راڄڙ جي رهواسي غلام کوسو پنهنجي ڀاڄائي بينظير کوسو سان گڏ سنڌڙي پريس ڪلب آڏو عطائي ڊاڪٽر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته سندن نينگري جي طبيت خراب هئي، جنهن کي هو عطائي ڊاڪٽر وٽ وٺي آيا، جنهن بعد عطائي ڊاڪٽر جي مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ سبب سندن نينگري شهزادي ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي.

هنن مطالبو ڪيو ته عطائي ڊاڪٽر خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ کيس گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*