ٺٽي ۾ کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيل معصوم ٻارڙي وارو ڪيس ۾ عدالتي حڪم تي ميونسپل ڪميٽي انتظاميه خلاف ڪيس داخل

Thatta24-8

ٺٽي شهر ۾ انتظامي بي ڌياني سبب کليل گٽر جي مين هول ۾ ڪري فوت ٿيل معصوم ٻارڙي وارو ڪيس عدالتي حڪم تي ٺٽو پوليس ۽ ميونسپل ڪميٽي انتظاميه خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ميونسپل ملازمن پاران سي ايم او جي حق ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.

عدالتي حڪم تي رات دير سان فوتي ٻارڙي جي والد جي فرياد تي سي ايم او ٺٽو اقبال ڦلپوٽو خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن بعد سي ايم او خلاف ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ملازمن پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ٺٽي شهر جي ڪاشيگر محلي ۾ راند کيڏندي معصوم ٻارڙو احسان علي شاهه گٽر جي کليل مين هول ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو هو، جنهن ۾ معصوم ٻارڙي جي موت جو ذميوار سي ايم او اقبال ڦلپوٽو ۽ سندس عملي کي قرار ڏنو ويو هو.

ميونسپل ملازمن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي سي ايم او ٺٽو خلاف داخل ڪيس خارج ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*