سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پ پ ڪارڪنن پاران مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ خلاف احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا

ppp-protest

حيدر آباد، ڪوٽڙي، ٽنڊو الهيار، جيڪب آباد ۽ ميرپور ماٿيلو سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پ پ ڪارڪنن پاران مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ خلاف احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا.

حيدر آباد ۾ پ پ ڪارڪنن صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مشرف کي پرڏيهه روانو ڪرڻ خلاف سنڌ ڪائونسل کان ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڪنڌڪوٽ ۾ پ پ ڪارڪنن پرويز مشرف کي پرڏيهه روانو ڪرڻ خلاف پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر فداحسين ميراڻي جي اڳواڻي ۾ گهنٽا گهر تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو.

ٽنڊو الهيار ۾ پ پ ڪارڪنن پرويز مشرف جي پرڏيهه روانگي خلاف ضلعي صدر ميو علي محمد ولاري ۽ ذوالفقار ستار بچاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڪوٽڙي ۾ پ پ ڪارڪنن شورا هائوس کان پرويز مشرف جي پرڏيهه روانگي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي المدينه چوڪ تي ڌرڻو هنيو.

جيڪب آباد ۾ پ پ ڪارڪنن مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ خلاف پ پ اڳواڻ ستار بروهي ۽ ڊاڪٽر فرخنده ڪٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏهن ته ميرپور ماٿيلو ۾ به پ پ ڪارڪنن پاران مشرف جي پرڏيهه روانگي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پ پ ڳواڻن مطالبو ڪيو ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي ڏيهه واپس آڻي مٿس داخل ٿيل ڪيس ٻيهر هلايا وڃن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*