سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کي بڪتر بند گاڏين جي خريداري کان روڪيندي چيف سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کي پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ بڪتر بند گاڏين، پي ڊي ايم اي لاءِ هيليڪاپٽر ۽ 86 بڪتربند گاڏين جي خريداري روڪيندي وڏي وزير، چيف سيڪريٽري، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ ٻين عملدارن کي 29ڊسمبر تائين جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس انورظهير جمالي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ پي ڊي ايم اي لاءِ هڪ ارب کان وڌيڪ ماليت جو هيليڪاپٽر،سنڌ حڪومت لاءِ 86 فائر برگيڊ گاڏيون ۽ پوليس توڙي ٻين قانون لاڳوڪندڙ ادارن لاءِ  بڪتر بند گاڏين جي خريداري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

شهري محمود اختر نقوي درخواست ۾ موقف اختيارڪيوآهي ته پي ڊي ايم اي لاءِ هيليڪاپٽر ۽ 86 فائر برگيڊ گاڏين جي خريداري لاءِ ٽينڊرز جاري نه ڪيا ويا آهن ۽ انٽر نيشنل ٽرانسپيرنسي اهڙي خريداري کي غير شفاف قرار ڏنو آهي.

عدالت اهڙي درخواست تي سنڌ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ بڪتر بند گاڏين ، پي ڊي ايم اي لاءِ هيليڪاپٽر ۽ 86 بڪتربند گاڏين جي خريداري روڪيندي وڏي وزير، چيف سيڪريٽري، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ ٻين عملدارن کي 29ڊسمبر تائين جواب داخل ڪرائڻ لا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*