نائين ڪلاس جي شاگردياڻي شيرين بي گهر ۽ پينو ٻارن کي پڙهائي ٿي

shareen-school-

نائين ڪلاس جي شاگردياڻي شيرين پنهنجي ڀاءُ سان گڏ ڪراچي ۾ اسٽريٽ اسڪول هلائي ٿي، جنهن ۾ غريب بي گهر ۽ پينو ٻارڙا تعليم حاصل ڪن ٿا.

شيرين جو چوڻ آهي ته گهٽين ۾ رلندڙ ۽ پينو ٻارڙن کي پڙهائڻ جو خيال ان وقت آيو، جڏهن هڪ ڏينهن هوءَ اسڪول کان اچي رهي هئي ته هڪ ٻارڙو وٽس آيو پر خيرات گهرڻ بدران مونکي چيو ته کيس پڙهڻ سان پيار آهي مهرباني ڪري مونکي به پڙهايو.

شيرين ٻڌايو ته هن گهٽين ۾ پنندڙ ٻارن کي پڙهائڻ وارو خيال پنهنجي ڀاءُ سان ونڊيو ته هوءَ به تيار ٿي ويو ۽ اهڙي طرح هنن شام جي وقت گهٽي ۾ ئي اسڪول شروع ڪيو

شيرين ۽ سندس ڀاءُ شام 4 وڳي گهٽي ۾ اسڪول هلائين ٿا ۽ ٻارڙن کي انگريزي ۽ حساب جا مضمون پڙهائين ٿا، گهٽي ۾ قائم هن اسڪول ۾ ٻارڙن جي ويهڻ لاءِ پراڻيون ڊيسڪون ۽ ڪرسيون رکيون ويون آهن، جتي ڊزن کان وڌيڪ پينو ۽ غريب ٻارڙا اچي تعليم پرائين ٿا.

شيرين جي اسڪول ۾ پڙهندڙ شهباز نالي ٻارڙي ٻڌايو ته سندس پيءُ نشو ڪندو آهي ۽ کيس مارڪٽ ڪندو آهي ته پني کيس وڌ کان وڌ پيسا ڏيان ته جيئن هو نشو ڪري سگهي، پر هو پڙهي ڊاڪٽر بڻجڻ چاهي ٿو..ايس او ٽي

شيرين ۽ سندس ڀاءُ پاران گهٽي ۾ اسڪول هلائڻ جو ٻڌي هڪ سماجي تنظيم سندن سهائتا لاءِ پهتي ۽ هر شاگردن کي 20 رپيا ۽ کاڌو فراهم ڪري ٿي ته جيئن پڙهائي دوران سندن ڪم جو جيڪو نقصان ٿئي ٿو ان جو پورائو ٿي سگهي.

سماجي ڪارڪن سيده زيدي جو چوڻ هو ته هر ماڻهو کي بي گهر ٻارڙن کي پڙهائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي به ڪارائتا شهري ثابت ٿي سگهن

پاڪستان جي سرڪاري انگن اکرن موجب 5 کان 16 سالن جي عمر جا 2 ڪروڙ 40 لک ٻار تعليم پرائڻ کان محروم آهن ۽ هي انگ نوجوان آبادي جو 47 سيڪڙو آهي، جيڪا ڇرڪائيندڙ صورتحال آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*