ايم ڪيو ايم اڳواڻ شاهد پاشا کي 90 ڏينهن جي رمانڊ لاءِ رينجرز حوالي

mqm

ايم ڪيو ايم جي گرفتار ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا کي رينجرز سخت پهري هيٺ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي منتظم جج آڏو پيش ڪيو ويو، جنهن بعد اي ٽي سيز جي منتظم جج متحده اڳواڻ کي 90 ڏينهن رمانڊ لاءِ رينجرز حوالي ڪندي ٻن هفتن اندر جي آءِ ٽي رپورٽ جوڙي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي مان گذريل رات گرفتار ٿيل ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا کي اي ٽي سيز جي منتظم جج آڏو پيش ڪيو ويو.

رينجرز عدالت ۾  ايم ڪيو ايم اڳواڻ جي 90 ڏينهن رمانڊ جي استدعا ڪندي چيو ته شاهد پاشا کان مختلف الزامن جي جاچ لاءِ پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي.

اي ٽي سي جي منتظم جج ايم ڪيو ايم اڳواڻ شاهد پاشا کي 90 ڏينهن جي رمانڊ لاءِ رينجرز حوالي ڪندي ٻن هفتن دوران جي آءِ ٽي رپورٽ تيار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*