ڀارت ۾ هندن جي رنگن واري ڏڻ هولي جون تياريون عروج تي

hooly

ڀارت ۾ هندن جي رنگن واري ڏڻ هولي جون تياريون عروج تي آهن، ماڻهو هڪ ٻئي کي رنگ هڻي ۽ ڊانس ڪري جشن ملهائي رهيا آهن، هن سال هولي 24 مارچ خميس جي ڏهاڙي تي ملهائي پئي وڃي.

هولي جي سلسلي ۾ ٿيندڙ تيارين جي حوالي سان  ڀارت جي رياست راجستان جي شهر جئه پور ۾ فلاور هولي ملهائي وئي، ماڻهو گوبند دَيــوَ مندر  ۾ خاص پوڄا پاٺ ڪئي.

هن موقعي تي هڪ ڇوڪري ۽ هڪ نينگري ڌرمي گيتن تي رقص ڪيو ۽ ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.

جئه پور جي مقامي رهواسي اميش گپتا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فلاور هولي ديوتا گوبند ديو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ملهائي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته گوبند ديو پيار ۽ رنگن جو اهڃاڻ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*