ڪي پي سرڪار صوبي ۾ ٻوٽا پوکي مستقبل جي جنگ وڙهي رهي آهي:عمران خان

imran-khan-

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ڪي پي سرڪار صوبي ۾ ٻوٽا پوکي مستقبل جي جنگ وڙهي رهي آهي، عوام کي سهڪار جاري رکڻ گهرجي.

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ٻوٽن جي کوٽ سبب قدرتي آفتون وڌيڪ نقصان رسائي رهيون آهن.

هن چيو ته ڪي پي سرڪار تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٻوٽا پوکڻ جي مهم شروع ڪئي، جنهن کي سموري دنيا ۾ ساراهيو ويو آهي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 60 ڪروڙ ٻوٽا پوکيا ويا آهن، جڏهن ته قبائلين جي سهڪار سان وڻڪاري مهم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*