سنڌ هاءِ ڪورٽ، ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا جي گرفتاري خلاف درخواست تي ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ کي نوٽيس جاري

sindh-highi-cout

سنڌ هاءِ ڪورٽ، ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا جي گرفتاري خلاف درخواست تي ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

جسٽس عرفان سعادت جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بينچ ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر جي گرفتاري خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل گلفراز خٽڪ موقف اختيار ڪيو ته سندس موئڪل کي گذريل رات گلستان جوهر مان گهر تي ڇاپو هڻي گرفتار ڪيو ويو هو پر مٿس ڪي به الزام نه آهن.

 درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن شاهد پاشا تي ڪي الزام آهن ته  انهن بابت آگاهه ڪيو وڃي، رات جي اونڌاهي ۾ ڇاپو گهر جي چادر چوديواري پائمال ڪري شاهد پاشا کي گرفتار ڪرڻ غير قانوني عمل آهي.

عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته شاهد پاشا کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ، اهڙي دخواست تي گهرو وزارت، ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

واضح رهي ته گذريل رات دير سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن گلستان جوهر ۾ ڪارروائي ڪري متحده جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا کي گرفتار ڪيو هو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*