اپوزيشن جي سخت دٻاءَ بعد حڪومت، پـِي آءِ اَي جـِي نجڪاري وارو بل ٽـِن هفتن تائين ملتوي ڪرڻ تي راضي ٿي وئي

islamabadnationalassemblyi0

اپوزيشن جي سخت دٻاءَ بعد حڪومت، پـِي آءِ اَي جـِي نجڪاري وارو بل ٽـِن هفتن تائين ملتوي ڪرڻ تي راضي ٿي وئي آهي، پي آءِ اي معاملي تي مخالف ڌر جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ 10 رڪني پارلياماني ڪميٽي قائم ڪرڻ تي به اتفاق ٿي ويو آهي.

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کان اڳ پي آءِ اي جي نجڪاري واري بل تي حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جي چيمبر ۾ ڳالهيون ٿيون، جنهن دوران اپوزيشن پاران مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه، ڊاڪٽر فاروق ستار، سينيٽر اعتزاز احسن، آفتاب شيرپائو، شيخ رشيد ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين محمد زبير، مملڪتي وزير شيخ آفتاب حڪومت جي نمائندگي ڪئي.

اجلاس ۾ حڪومتي وفد پي آءِ اي جي نجڪاري واري معاملي تي اپوزيشن جا خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

ذريعن جو چوڻ هو ته اپوزيشن پنهنجي موقف تي قائم رهي ۽ حڪومتي وفد کي ٻڌايو ته جيڪڏهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري وارو بل پيش ڪيو ويو ته سخت مخالفت ڪئي ويندي.

اپوزيشن اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري وارو بل پيش ڪرڻ کان اڳ سندن خدشا ختم ڪيا وڃن.

اپوزيشن بعد مطالبي بعد حڪومتي وفد خاطري ڪرائي ته پي آءِ اي جي نجڪاري وارو بل ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪيو ويندو.

ذريعن موجب، حڪومت ۽ اپوزيشن ۾10 رڪني پارلياماني ڪميٽي قائم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، جنهن ۾ 3 سينيٽر ۽ 7 قومي اسيمبلي جا ميمبر هوندا.

پارلياماني ڪميٽي پي آءِ اي جي نجڪاري واري معاملي تي اپوزيشن جا خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ پنهنجو سفارشون تيار ڪري  پيش  ڪندي.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو ته نجڪاري ڪميشن جو چيئرمين محمد زبير پي آءِ اي جو بل ٽن هفتن تائين ملتوي ٿيڻ تي راضي ٿي ويو آهي ۽ اپوزيشن جا مطالبا منظور ڪيا ويا آهن.

ن ليگ اڳواڻ دانيال عزيز جو چوڻ هو ته پي آءِ اي جي نجڪاري وارو بل پيش ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ٻيهر گهرايو ويندو.

واضح رهي ته حڪومت سان ڳالهين کان اڳ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ اپوزيشن جو اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري واري بل جي سخت مخالفت جو فيصلو ڪيو ويو هو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*