سنڌ اسيمبلي ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ لائيف اسڪلز ايجوڪيش وارو ٺهراءُ منظور

Sindh-Assembly-6-8

سنڌ اسيمبلي ۾ متحده جي ميمبر پاران لياري ڊيولپمينٽ اٿارٽي بابت  ترميمي بل ۽ پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان پاران ڪراچي جي ڪجهه هوٽلن ۾ شراب جي کلي عام واهپي  خلاف رٿ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،جڏهن ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ لائيف اسڪلز ايجوڪيش وارو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.

 سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران متحده جي خالد احمد لياري ڊيولپمينٽ اٿارٽي ترميمي بل  پيش ڪيو جيڪو حڪومتي ڌر جي مخالفت سبب رد ڪيو ويو.

اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان پاران ڪراچي جي ڪجهه هوٽلن ۾ شراب جي کلي عام واهپي خلاف رٿ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ، جنهن تي ايڪسائيز واري وزير گيانچند ايسراڻي چيو ته جيڪڏهن اهڙن هوٽلن جي نشاندهي ٿي  ته هو انهن خلاف ڪارروائي ڪندا.

پ پ ايم پي اي نادر مگسي چيو شهر ۾ اهڙا هوٽل هئڻ گهرجن جتي شهري ڪٽنب سميت آساني سان وڃي سگهن.

ايم ڪيو ايم جي ناهيد بيگم اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ لائيف اسڪلز ايجوڪيش وارو ٺهراءُ  پيش ڪيو، جنهن جي منظوري ڏني وئي.

جهنگلي جيوت کاتي بابت سوالن جوابن جي وقفي دوران اسپيڪر ۽ ميمبرن وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي، ڪجهه ميمبرن پکين ۽ جانورن جي شڪارجون شڪايتون ڪيون.

  صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو ته کيرٿر پارڪ ۾ هڪ شخص جانورن جا فوٽو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران هڪ جانور بي هوش ٿي ويو، جنهن تي اسپيڪر چيو ته صوبائي وزير کي ڏسي جانور خوش ٿيا هوندا.

اسيمبلي ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي ايندڙ جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*