ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس

Qaim Ali Shah

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه 25 مارچ تي  رٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس جي ايجندا ۾ آدمشماري ۽ قومي فلڊ پروٽيڪشن پروگرام کي شامل ڪرڻ تي وزير اعظم جو ٿورو مڃيندي  چيو آهي ته سڀ کان اڳ آدمشماري سنڌ ۾ ڪرائڻ جو مطالبو ڪنداسين.

ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن دوران 25 مارچ تي رٿيل سي سي آءِ جي اجلاس جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ جي مطالبي تي  سي سي آءِ جي رٿيل اجلاس  جي ايجنڊا ۾ آدمشماري ۽ فلڊ پروٽيڪشن پروگرام کي  شامل ڪرڻ تي هو هو وزير اعظم جا ٿورائتا آهن.

وڏي وزير چيو ته آدمشماري ڪرائڻ لاءِ وفاق سنڌ حڪومت جي حصي مان 26 ملين روپيا وٺي چڪو آهي، سي سي آءِ جي اجلاس ۾ سڀني کان اڳ سنڌ ۾ آدمشماري ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويندو.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وڌيڪ چيو ته صوبن ۾ مرحليوار آدمشماري ڪرائي وئي ته فورسز موجود هوندي، پناهگيرن کي نيڪالي ڏيڻ جو انتظام ڪيو ويو ته آدمشماري نه ٿي سگهندي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*