اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي پرڏهه وڃڻ جي اجازت ملڻ خلاف پ پ ليڊيز ونگ جي سڏ تي عورتن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون

larkana-leidis-wang-protest

اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي پرڏهه وڃڻ جي اجازت ملڻ خلاف پ پ ليڊيز ونگ جي سڏ تي عورتن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا.

لاڙڪاڻي ۾ پيپلزپارٽي ليڊيزونگ پاران ڪينيجي مارڪيٽ کان عورتن نصبان چنا، سڪينه گاد جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد جناح باغ چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

خيرپور ۾ پ پ ليڊيزونگ پاران ايم پي اي غزالا سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين عورتن جيلاني هائوس کان پريس ڪلب تائين مارچ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سجاول ۾ عورتن ايم پي اي رحانه لغاري، جي اڳواڻي ۾ مين چوڪ کان ريلي ڪڍي پ پ  آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ڪوٽڙي ۾ پ پ ليڊيزونگ پاران حنا دستگير، ياسمين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري وفاقي حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

جيڪب آباد ۾ پ پ ليڊيزو نگ جي سڏ تي عورتن مک چوڪ کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو، جنهن بعد پريس ڪلب آڏو مظاهرين ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

   پرويز مشرف کي ٻرڏيهه موڪلڻ خلاف شاهپور چاڪر ۾ پ پ ليڊيز ونگ جي ضلعي صدر نوشاد بلوچ، پروين ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو.

دادو ۾ ليڊيز ونگ پاران ايم پي ڪلثوم چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*