ڊاڪٽر عاصم، رئوف صديقي ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا، جاچ آفيسر انيس قائم خاني، سليم شهزاد ۽ قادر پٽيل جي گرفتاري بابت رپورٽ پيش

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ دهشتگردن جو علاج ڪرڻ ۽ سندن سهولتڪار بڻجڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عاصم، رئوف صديقي ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا، جاچ آفيسر انيس قائم خاني، سليم شهزاد ۽ قادر پٽيل جي گرفتاري بابت رپورٽ پيش ڪئي .

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي دوران ڊاڪٽر عاصم، عثمان معظم کي پيش ڪيو ويو، جڏهن ته رئوف صديقي به عدالت ۾ پيش ٿيو.

جاچ آفيسر پ پ اڳواڻ قادر پٽيل، متحده جي سليم شهزاد ۽ انيس قائم خاني بابت رپورٽ پيش ڪندي چيو ته سليم شهزاد جي گرفتاري لاءِ گهرو وزارت کي ليٽر لکيو ويو آهي، جڏهن ته انيس قائم خاني جي گرفتاري لاءِ سندس گهر وياسين ته مصطفيٰ ڪمال جي پارٽي جي اڳواڻ افتخار عالم ٻڌايو ته انيس قائم خاني حيدرآباد ويل آهي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ٿيندو.

عدالت اهڙي رپورٽ بعد ٻڌڻي 2 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*