ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دبئي مان ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتاخوري جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل سعيد ڀرم کي 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي

ATC-karachi-21-8

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دبئي مان ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتاخوري جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل سعيد ڀرم کي 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

سعيد ڀرم کي اڄ صبح دبئي مان ڪراچي آندو ويو هو، جنهن کي رينجرز ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت رينجرز جي درخواست تي سعيد ڀرم کي 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو   آهي.

سعيد ڀرم تي ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتاخوري سميت ڏکڻ آفريقا ۾ ويهي ڪراچي جي هڪ سياسي پارٽي جي عسڪري ونگ هلائڻ جو الزام آهي.

 3 ڏينهن اڳ سعيد ڀرم جي  ڀاءُ عارفين کي به  دبئي مان گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن تي ڪراچي ۾ زمينن تي قبضن جو الزام آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*